اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ ايران جي صدر ڊا??ٽر ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي سوڳ ڏهاڙي جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڊا??ٽر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو سٺو دوست هو، اسان کي سٺي خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿي??، صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ايران سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ قومي جهنڊو جهُڪيل رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي هڪ مهيني کان به گهٽ عرصو اڳ هڪ تاريخي دوري تي صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ميزباني جو شرف حاصل ٿي??. هو پاڪستان جو سٺو دوست هو. هن چيو ته ان سانحي تي پاڪستان ۾ سوڳ ڏهاڙو ملهايو ويندو ۽ صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ملڪ ايران سان يڪجهتي جي اظهار طور جهنڊو جھُڪيل رهندو. وزيراعظم چيو ته صدر رئيسي جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ جي اط??اع جي حوالي سان ٿي??دڙ اڳڀرائي کي بيچيني سان ڏسي رهيا هئاسين. سٺي خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿي??. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان ان وڏي نقصان تي ايراني قوم سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ شهيد ٿي??دڙن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. عظيم ايراني قوم روايتي همت سان ان سانحي تي ضابطو آڻيندي.