اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏي?? آهي جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواستن کي رد ڪيو وي?? آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي تازي حڪم کي اهڙي طرح رد ڪريون ٿا جهڙي طرح اسان 11 ڊسمبر 2023ع جي ان جي حڪم کي رد ڪيو هو. هن چيو ته ٻئي فيصلا ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي ??طح تي مڃيل تڪراري نوعيت کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام آ??ن. ??رجمان چيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو ختم نه ٿيڻ جوڳو حق حاصل آهي جيئن ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ لکيل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت کي ڪشمير تڪرار جي ٻين ڌرين يعني ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفي فيصلي ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي ۽ نه ئي ??ارت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي بهاني پنهنجي عالمي قانوني ذميوارين کان دستبردار ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جا فيصلا يا حڪم والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي نه ٿا سگهن. ڀارتي سپريم ڪورٽ اهو فيصلو پهرين مئي تي ڪي?? آهي جيڪو 21 مئي 2023ع تي جاري ڪيو ويو.