اسلام آباد- 29 فيبروري (اي پي پي)ملڪ جي ايندڙ وزير اعظم جي چونڊ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب نئين وزير اعظم جي چونڊ هاڻي 03 مارچ آچر تي ٿيندي. قومي اسيمبلي سي??ريٽريٽ مطابق وزيراعظم جي عهدي لاءِ ??امزدگي ڪاغذات ڇنڇر 2 مارچ 2024ع تي م??جهند جو 02 وڳي ڪرائي سگهجن ٿا. نامزدگي ڪاغذات قومي اسيمبلي جي قانون سازي واري شعبي مان حاصل ڪري سگهجن ٿا. نامزدگي ڪاغذات جي جانچ پڙت??ل ساڳئي ڏينهن منجهند جو 03 وڳي تائين عمل ۾ آندي ويندي. وزير اعظم جي چونڊ اوپن ڊويزن ذريعي ٿيندي.