اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان قابض اسرائ??لي فوج پاران غزه جي عوام تي جاري ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ غزه ۾ رفح جي اوڀرندي حصي ۾ فلس??ين?? پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي خوراڪ جي ورڇ جي مرڪز تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي افيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڏڪار ۾ ورتل آبادي جي لاءِ خوراڪ جي ورڇ جي ڪجهه باقي مرڪزن تي حملو اسرائيل جي فلس??ين??ن کي وڏي پئماني تي فاڪا ڪشيءَ ۾ وجهڻ جي ڄاڻي واڻي ۽ غي??ان??اني پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته اها غي??ان??اني ڪارروائي ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. فلس??ين?? پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي 20 لک کان و??يڪ ماڻهن جي لاءِ لائيف لائين جو ڪم ڪري ٿي، اها پناهه فراهم ڪرڻ ۽ ضروري خوراڪ سا?? گڏوگڏ بنيادي صحت جي سارسنڀال جي خدمت فراهم ڪري ٿي، ان کي غزه تي جاري غي??ان??اني جنگ دوران عالمي حمايت ۽ تحفظ جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري ۾ 3500 نئين وسندين جي تعمير بابت اسرائيل جي تازي فيصلي جي سخت ترين ممڪن لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، اها اسرائ??لي ڪارروائي عالمي قانون، عالمي انساني قانونن ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اهو هڪ آزاد، خودمختيار ۽ متصل فلس??ين?? رياست جي امڪانن کي و??يڪ ڪمزور ڪري ڇڏيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها فلس??ين?? عوام جي خلاف قابض عملدارن جي انهن ڏوهن جو خاتمو ڪري ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت فلس??ين?? عوام جي تڪليفن جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.