اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ ڪو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي، آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو، ڪنهن پا??ٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، پاڪستان جي آئين ۾ هر صورتحال مان نڪرڻ جو رستو موجود آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته اهي ماڻهو جيڪي مختلف طرح سان ماڻهن جي خدمت ڪن ٿا، انهن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهر??ي، اهي شاعر، موسيقار، فنڪار، ڊرامي نگار جيڪي ڪروڙپتي نه آهن، انهن جي خدمت?? جو اعتراف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اشرافيه جي ڪلبز کي به گهرجي ته اهي اهڙن ماڻهن جي خدمت?? جو اعتراف ڪن، ڪنهن کي ميمبرشپ ڏيڻ وقت رڳو پئس?? کي نه ڏٺو وڃي، خدمتن کي به ڏٺو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو جنهن ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن باقي آهن. هن چيو ته اها معمول جي ڪارروائي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي. نگران ??فا??ي وزير چيو ته ورڇ ٿيل پارليامينٽ آهي، ڪنهن سياسي پا??ٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستا?? جو آئين جامع ۽ تفصيلي آهي، فرض ڪريو ته سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڪنهن قسم جو اتفاق راءِ پيدا نٿو ٿئي ته آئين ۾ ا?? جو رستو موجود آهي.