اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪ??ن ڪميشن آف پاڪستان خميس ڏينهن 8 فيبروري 2024ع تي چونڊن جي پنهنجي واعدي ۽ عزم تي قائم آهي، وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتون ان ذميواري کي ادا ڪرڻ ۾ اليڪ??ن ڪميشن جي هر قسم جي انتظامي، مالي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پور??ون ڪنديون. اها ڳالهه هن سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽ مان منظور ٿيندڙ قرارداد نمبر 562 جي حوالي سان اليڪ??ن ڪميشن آف پاڪستان پاران سينيٽ سيڪريٽريٽ کي لکيل خط به شيئر ڪيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ مان منظور ٿيل قرارداد با??ت ا??يڪ??ن ڪميشن جي اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ مشاهدو ڪيو ويو ته اليڪ??ن ڪميشن صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان جي مشاورت سان 8 فيبروري 2024ع تي عام چون??ون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي. اليڪ??ن ڪميشن امن امان جي بحالي لاءِ نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ 2024ع جون عام چون??ون پرامن انعقاد جي لاءِ ووٽرز کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪ??ون آهن. اليڪ??ن ڪميشن 2024ع جي عام چون??ون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. اليڪ??ن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊن با??ت عدالت ۾ پنهنجي ڪمٽمينٽ به جمع ڪرائي آهي. اي سي پي چيو آهي ته ماضي ۾ به عام چون??ون ۽ بلدياتي چون??ون سرديءَ جي موسم ۾ ٿينديون ره??ون آهن، انهن حقيقتن جي روشني ۾ اليڪ??ن ڪميشن جي لاءِ ان مرحلي تي 2024ع جي عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ مناسب نه هوندو.