اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪس??ان قطر سان وا??ار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، قطر پاران غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت فلسطين ۾ امن جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪس??ان ۾ قطر جي سفير مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظ?? ان موقعي تي چيو ته پاڪس??ان ۽ قطر جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪس??ان وا??ار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم قطر جي امير جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام ڏنو. نار خطي جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قطر سميت ن??ر ملڪن جي سيڙپڪارن کي پاڪس??ان ۾ معيشت جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ راغب ڪر?? جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن قطري سفير کي چيو ته هو سياحت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جا ام??ان ڳولي. نگران وزيراعظم غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته فلسطين ۾ امن قائم ڪر?? جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت پاران گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم کيس پاڪس??ان ۾ سفير جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس مقرري دوران ٻئي ملڪ دوستي جي رشتي ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.