اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي)پا?? فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير زرعي شعب?? جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته گرين پا??ستان انيشيئيٽو تحت سمورن ضلعن ۾ زرعي مالز منعقد ڪيا ويندا جتي آبادگارن کي هر طرح جون زرعي سهولتون ميسر هونديون، هر قسم جي مافيا کي قوم سان گڏجي ختم ڪنداسين، ??وش?? ميڊيا تي ڏڦيڙ، مايوسي ۽ افراتفري جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. هو ڪسان ڪنويشن کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پا??ستان ايشيا جو تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هو پر اسان قائداعظم جي ٽن سنهري اصولن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم کي وسارڻ سبب تنزلي جو شڪار ٿياسين. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته زراعت ۽ مال چارڻ نبوي پيشو رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ان پيشي ۾ ڊسيپلين، تڪليف ، اوسر ۽ صبر شامل آهن جن جي نتيجي ۾ تمام وڏا انعام ملندا آهن، پا??ستان جي باري ۾ افواهه ۽ ناڪاري ڳالهيون ٻڌايون پيون وڃن پر اوهان کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪلم?? جي نالي تي ٻه ئي رياستون قائم ٿيون، رياست طيبه ۽ رياست پا??ستان، هي رڳو اتفاق ناهي. هن چيو ته پا??ستان وسيلن سان مالا مال آهي، پا??ستان وٽ گليشيئرز، درياءَ، جبل، سمنڊ ۽ زرخيز زمين آهي جنهن مان دنيا جو بهترين چانور، ڪينو ۽ انبن جهڙا ميوا، گرينائيٽ، سون ۽ ٽامي جهڙا خزانا موجود آهن. هن چيو ته گرين پا??ستان انيشيئيٽو جو مقصد اهو ئي آهي ته اسان کي سڀ کان پهرين زراعت تي ڪم ڪرڻو آهي، گرين پا??ستان انيشيٽو جي آمدني جو وڏو حصو صوبن ڏانهن ويندو جڏهن به باقي حصو آبادگارن ۽ زرعي ريسرچ لاءِ رکيو ويندو. فوج جو ان ۾ رول صرف عوام ۽ آبادگارن جي خدمت آهي. آرمي چيف چيو ته سمورن ضلعن ۾ زرعي مالز منعقد ڪيا ويندا جتي آبادگارن کي هر طرح جون زرعي سهولتون ميسر هونديون. آسان زرعي قرضن، ڪولڊ اسٽوريج جي چين، موسمياتي تبديل?? جي اثرن کان محفوظ ٻج ۽ جينيٽڪلي انجنيئرڊ لائيو اسٽاڪ جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، هر قسم جي مافيا کي قوم سان گڏجي سزا ڏينداسين، هن چيو ته ??وش?? ميڊيا تي ڏڦيڙ، مايوسي ۽ افراتفري جو ماحول پيدا ڪري ڪوڙين خبرن ذريعي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته رياست پنهنجو وجود وڃائيندي پئي وڃي. آرمي چيف جي خطاب دوران آبادگار بار بار نعره تڪبير ۽ پا??ستان زنده آباد جا نعرا لڳائيندا رهيا. ڪسان ڪنوينش?? دوران آبادگارن جي پا?? فوج زنده باد جا به نعرا هنيا ويا.