اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري اداڪار نثار قادري ج?? لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان ت??زيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته نثار قادري ج?? لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم پاڪستان ٽيليويزن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پنهنجي بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. پاڪستان ٽيليويزن سميت فلمز، ٿيٽر ۽ ريڊيو ڊرامن ۾ نثار قادري جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته نثار قادري ج?? لاڏاڻي سان ش??بز انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.