اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه ۾ اسرائيل پاران جاري رتوڇاڻ ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي عالمي ضمير تي سواليه نشان لڳائيندي چيو آهي ته دنيا سمورن انسانن سان هڪ جهڙو سلوڪ نه ڪري سڀ کان وڏي غلطي ڪري رهي آهي، غزه ۾ جهڙي طرح معصوم ٻارن ۽ ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي ان جا امن تي دير تائين اثر پوندا ڇو ته مظلومن جي لاءِ اهڙي طرح جي بربريت کي وسارڻ مشڪل هوندو. هو ايوان صدر ۾ انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي، انساني حقن واري نگران وفاقي وزير خليل جارج، يو اي ڊي پي جي ڪنٽري هيڊ سيموئيل ريسڪ، انساني حقن واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري الهڏنو خواجه، چيئرپرسن ني??نل ڪميشن فار هيومن رائيٽس پاڪس??ان رابعه آغا کانسواءِ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، آءِ آءِ اين جي اوز جي نمائندن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان هڪ اسرندڙ ملڪ هجڻ جي ناطي انساني حقن جي حوالي سان تقرقي ڪري رهيو آهي پر انسانيت اڃا به طاقتور ملڪن پاران فلسطين ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جو احترام ڪرڻ جي منتظر آهي جتي هزارين ماڻهن کي قتل ڪيو ويو جن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو نمايان انگ آهي. صدر زور ڏنو ته دنيا ۾ اهڙو ماحول هجي جتي جنگين جي ڪا گنجائش نه هجي ۽ انسان دوستي زاتي مفادن تي غالب هجي. هن چيو ته گڏيل قومن کي مهذب جنگين جي بيانيي کي فروغ ڏيڻ بدران دنيا ۾ جنگ نه ٿيڻ جي هدف کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته انسان دوستي کي عالمي معاملن ۾ طاقتور قومن جي خودغرضاڻي جوازن تي ٻڌل جنگين جو سبب بڻجندڙ ذاتي مفادن جي مقابلي ۾ سگهه نه ٿي ملي سگهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان هڪ بهترين قانونساز ملڪ آهي جنهن ۾ انساني حقن جي حوالي سان آئين ۽ انساني حقن جي پڌرنامي جي حمايت حاصل آهي. هن قانوني انصاف، مالي برابري، بااختيار ??ڻا??ڻ ۽ عورتن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ مختلف طريقن سان يقيني ??ڻا??ڻ جي عزم تي زور ڏنو. هن انساني حقن جي نگران وفاقي وزير خليل جارج، انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن رابعه جويريا آغا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪس??ان جي ادارن قانونسازي ۽ انساني حقن جي حوالي سان روين ۾ تبديلي جي حوالي سان ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته انساني حقن جي ڪنهن به خلاف ورزي جي صورت ۾ پاڪس??ان جو رياستي ۽ عدالتي نظام انساني حقن جي خلاف ورزي جي ذ??يو??رن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري ٿو ۽ عوام به انساني حقن جي خلاف ورزي جي ڪاررواين جي حوصلا شڪني ڪري ٿي. هن چيو ته دنيا بي پناهه ترقي ڏٺي آهي پر اها معاشي فرق کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. هن چيو ته ڪو به مذهب طبقاتي، عقيدي ۽ رنگ جي بنياد تي فرق جي اجازت نه ٿو ڏي پر اهو اڃا تائين دنيا کي درپيش چئلينج آهي. انساني حقن واري نگران وفاقي وزير خليل جارج چيو ته پاڪس??ان سميت سڄي دنيا ۾ هر طرح جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جيڪڏهن ان ۾ ڪا گهٽتائي آهي اهو پاڙيسرين جو ڏينهن ملهائڻ جي گهٽتائي آهي. هن چيو ته پاڪس??ان انساني حقن ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪس??ان ۾ سموريون اقليت مذهبي عبادتون ۽ تهوار آزادي سان ملهائي رهيا آهن. هن چيو ته انساني حقن جي حوالي سان جڙانوالا جهڙن واقعن تي حڪومت نه رڳو مذمت ڪئي پر ذ??يو??رن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ان جي ابتڙ اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ مسيحي ٻارڙين کي اگهاڙو ڪيو ويو ۽ رياست جي سرپرستي ۾ انهن کي پوري شهر ۾ گهمايو ويو. انساني حقن واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري اي ڊي خواجه شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته انساني حقن واري وزارت پاڪس??ان ۾ سمورن شهرين بشمول اقليتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني ??ڻا??ڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. انساني حقن جي حوالي سان پاڪس??ان قومي ۽ عالمي ذ??يو??ريون بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ گير سطح تي ني??نل ڪميشن فار هيومن رائيٽس، ني??نل ڪميشن رائيٽس آف وومين، ني??نل ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين فعال ڪردار ڪري رهيو آهي جڏهن ته ني??نل ڪميشن فار منيارٽي رائيٽس قائم ڪرڻ تي ڪم تيزي سان جاري آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت ليگل اينڊ جسٽس اٿارٽي قائم ڪئي آهي جنهن جو مقصد معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن کي مفت قانوني مدد ڏيڻ آهي. يو اين ڊي پي جي ڪنٽري هيڊ سيموئيل ريسڪ چيو ته يو اين ڊي پي انساني حقن واري وزارت سان گڏجي گڏيل قومن جي انساني حقن بابت قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني ??ڻا??ي رهيو آهي. هن چيو ته انساني حقن جو عالمي ڏينهن گڏيل قومن پاران عالمي سطح تي انساني وقار برقرار رکڻ ۽ ماڻهن ۾ انسانن جي حقن جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هر سال 10 ڊسمبر تي ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد انسانن جي حقن کي رنگ ۽ نسل، مذهب ۽ زبان جي فرق کانسواءِ تسليم ڪرڻ، انساني حقن جي پائمالي جي روڪٿام، عوام ۾ ذ??يو??ري جو احساس پيدا ڪرڻ ۽ خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي انهن جي حقن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. ني??نل ڪميشن فار هيومن رائيٽس پاڪس??ان جي چيئرپرسن رابعه آغا چيو ته محدود وسيلن جي باوجود ڪميشن 3400 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي ۽ عورتن بابت ايشوز تي 12 رپورٽون جاري ڪيون آهن. هن چيو ته عورتن جي حقن جي لاءِ حڪومت، لاڳاپيل ادارن، اين جي اوز سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. تقريب دوران انساني حقن واري وزارت پاران ملڪ ۾ انساني حقن جي لاءِ کنيل قدمن، قانونسازي ۾ مدد سميت ٻين قدمن بابت دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. تقريب جي شروعات تي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپيشل ايجوڪيشن جي خصوصي ٻارن قومي ترانو پيش ڪيو. تقريب ۾ پي اين سي اي جي جوانن بلهي شاهه جي ڪلام تي پرفارمنس پڻ پيش ڪئي.