اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان جو وجود سمورين اقليتن جي حقن جو ضامن آهي، پاڪستان جيترو مضبوط ٿيندو ايترو ئي ڀارت جي اندر مظلومن جو آواز مضبوط ٿيندو، نريندر مودي ڪڏهن به مظلومن سان گڏ نه بيٺو، ڀارت ۾ اڪثريت جي نالي تي ننڍڙي اقليت جو هڪ پرتشدد راڄ لاڳو آهي جتي مذهبي اقليتن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ جو پردو فاش ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن فرينڊز آف ڪشمير انٽرنيشنل ۽ ڪشمير ميڊيا سروس جي اهتمام هيٺ ”ڀارت ۾ اقليتن ۽ ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان سدائين ڪشمير ڪاز جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي آهي ۽ اها والاريل ڪشمير جي آزادي تائين جاري رهندي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ جتي به اقليتن سان ڪڏهن ڪو واقعو پيش آ??و ته ان وقت نه رڳو اسان جو معاشرو پر سياسي پارٽيون ۽ حڪومت مظلومن سان گڏ بيٺيون، جڙانوالا جي افسوسناڪ واقعي جي فوري پوءِ نگران وزيراعظم پاڻ اتي ويو، اقليتن جي نقصانن جي تلافي ڪئي، هي اهو فرق آهي ج??ڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ موجود آهي، جڏهن ڀارت ۾ مذهبي اقليتن تي ظلم ڪيا وڃن ٿا ته اهڙو ردعمل تي نظر نه ٿو اچي. هن چ??و ته جڏهن کان بي جي پي جي حڪومت آئي آهي، ان وقت کان اها شيءَ ڀارت ۾ ڏسڻ جي لاءِ ناهي ملي، جيڪڏهن مني پور، گجرات يا ڪشمير ۾ اقليتن سان ڪو واقعو يا سانحو رونما ٿئي ٿو ته نريندر مودي اتي مظلومن سان گڏ ڪڏهن به ناهي بيٺو. هن چ??و ته يو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ، ايمنسٽي انٽرنيشنل، هيومن رائيٽس واچ، ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس، رپورٽرز ود آئوٽ بارڊر جهڙن عالمي ادارن پنهنجي رپورٽس ۾ ڀارت کي نام نهاد اڪثريتي رياست ظاهر ڪيو آهي. هن چ??و ته ڀارت ۾ اڪثريت جي نالي تي ننڍڙي اقليت جو هڪ پرتشدد راڄ نافذ آهي. ڀارت جو اهو رو??و تمام پراڻو آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهو وڌيڪ سخت ٿيندو پيو وڃي. هن چ??و ته ڪا پرتشدد رياست وڌيڪ دير تائين قائم نٿي رهي سگهي، هڪ وقت ضرور ايندو جڏهن ان کي پرتشدد ڪارروايون ختم ڪرڻيون پونديون. هن چ??و ته پاڪستان انساني حقن خاص طور تي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي موقف تي قائ?? آهي ۽ ڪشميري عوام جي انساني حقن، خودمختياري جي حق ۽ انهن جي سفارتي ۽ سياسي مدد گذريل 75 سالن کان جاري رکي آهي ۽ والاريل ڪشمير جي آزادي تائين جاري رکندو. هن چ??و ته پاڪستان جيترو مضبوط ٿيندو ايترو ئي ڀارت جي اندر مظلومن جو آواز مضبوط ٿيندو تنهن ڪري پاڪستان جو معاشي ۽ سياسي استحڪام حقيقت ۾ هڪ ضمانت آهي، مظلوم ڪشميري عوام جي مدد جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجو اهو ڪردار جاري رکڻو پوندو. هن چ??و ته اسان جي ميڊيا اصل حقيقتون ۽ انگ اکر دنيا آڏو پيش ڪري رهي آهي، اسان کي ڀارتي رياست وانگر سينسرشپ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هن چ??و ته ڀارت اسان جي ڪيترن ئي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي هڻي رکي آهي جن ۾ ريڊيو پاڪستان به شامل آهي. هن چ??و ته ڀارتي رياست انهن عالمي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي دٻاءُ وجهي حقيقتن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. فلسطيني عوام جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته فلسطيني عوام تي ظلمن جي باوجود اڄ به فلسطين جي آزادي جي روح کي شڪست نه ڏئي سگهجي، فلسطينين جي حمايت ۾ پوري دنيا مان آواز بلند ٿيو آهي. هن چ??و ته جهڙي طرح ڀارت جي اندر مظلومن خاص طور تي ڪشميرين جو آواز بلند ڪيو پيو وڃي، اهڙي طرح فلسطينين جي حقن جي لاءِ پڻ آواز مضبوط ٿيو آهي ۽ اهو ضرور رنگ لائيندو.