اسلام ??با?? – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ قابض عملدارن پاران منظم طريقي تي ڪش??يرين کي پنهنجي زمينن تان بيدخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي محافظن ۽ سياسي ڪارڪنن ج?? ملڪيتن کي سيل ڪرڻ ۽ ضبط ڪرڻ جي مهم ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي ڀارتي عملدارن هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي جي قانون کي استعمال ڪندي ڄمون ۽ ڪش??ير جي ضلعي پلواما ۾ ڪيترين ئ?? ملڪيتن کي ضبط ڪيو. ترجمان چيو ته ملڪيتن تي قبضا اختلاف راءِ کي ڪچلڻ ۽ انساني حقن جي محافظن کي ستائڻ جو هڪ ظالماڻو ذريعو آهي، اهو طرزعمل ۽ اهڙي قسم جي وحشياڻي ڀارتي قدمن کي ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪش??ير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ قدم ??نيا وڃن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪش??ير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪش??يري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.