اسلام آباد- 30 آڪٽوبر (اي پي پي)نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي ته پاڪستان ۾ غير ق??نو??ي طور رهندڙ ماڻهن کي اڄ 31 آڪٽوبر تائين ??اڪستان مان وڃڻ جي ڊيٽ لائن ڏني وئي آهي، نيڪاليءَ جو معاملو غير ق??نو??ي رهندڙن جي خلاف آهي، ڪنهن مخصوص گروهه جي خلاف ناهي، غير ق??نو??ي طور رهندڙ افغان شهرين کي ويجهي بارڊر تائين ??هچايو ويندو، ??هي پاڪستاني جن غير ق??نو??ي ماڻهن کي گهر ڪِرائي تي ڏنو آهي ??هي به ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن، اهڙن ماڻهن لاءِ موقعو آهي ته هو غير ق??نو??ي رهندڙ ماڻهن بابت اطلاع ڏين. اهڙو اظهار هن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، ڊاڪٽر نديم جان ۽ ٻين ??فاقي وزيرن سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ ڪابينه اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران گهرو وزير ٻُڌايو ته اسان پرڏيهين کي ملڪ مان نڪرڻ لاءِ اڄ 31 آڪٽوبر جي ڊيٽ لائن ڏني هئي، ان دوران رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي ملڪ واپس ويندڙن کي هر ممڪن سهڪار ۽ سهولت فراهم ڪئي وئي. هاڻي ڪجهه ڪلاڪ باقي آهن جيڪي مقرر وقت تائين ??اڪستان نه ڇڏيندا انهن وٽ ويزا ۽ پاسپورٽ نه هوندو انهن کي دي پورٽ ڪيو ويندو. هن چيو ته وڏي انگ ۾ افغانستان جا ماڻهو آهن ۽ـ اسان گذريل 40 سالن کان انهن جي ميزباني ڪري رهيا آهيون. اهو تاثر غلط آهي ته صرف افغانستان جي ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي. هن چيو ته نيڪاليءَ دوران عورتن ۽ بزرگن جو احترام ڪيو پيو وڃي. ٻارن سان شفقت وارو رو??و اختيار ڪيو پيو وڃي، اٽڪل 2 لک جي لڳ ڀڳ غير ق??نو??ي ماڻهو ٻن مهينن دوران واپس ويا آهن. هن چيو ته غير ق??نو??ي رهندڙ ماڻهو واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن وڃن، ق??نو??ي دستاويزي حاصل ڪري واپس اچي سگهن ٿا. ويزا وٺي ڪري هتي ٻيهر ڪاروبار ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي صحت بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان وفاقي اسپتالن جي سربراهيءَ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ٻُڌايو ته اسان ق??نو?? مطابق سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيون، ڀرتين جو عمل شفافيت سان مڪمل ٿيندو، جتي ق??نو?? ۽ ميرٽ جي خلاف ورزي ٿئي ميڊيا ان کي اجاگر ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته گريڊ هڪ کان 21 گريڊ جون ڀرتيون ق??نو?? مطابق عوامي ضرورتن مطابق ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي گهٽ وقت مليو آهي، ٻن مهينن ۾ اسان سڌارا آڻي رهيا آهيون. مذهبي معاملن واري وزارت جي نمائندي ٻُڌايو ته سيڪريٽريءَ جي ڪرنٽ چارج ايڊيشنل سيڪريٽريءَ کي سونپي وئي آهي، 550 ملين رپيا پي آءِ اي کي جلد ادا ٿي ويندا. حج پاليسي 24ع کي جڏهن سب ڪميٽي ڪليئر ڪندي تڏهن ان تي عمل ٿيندو. سرڪاري اسڪيم ۾ 25 هزار ۽ پرائيويٽ اسڪيم ۾ 44 هزار حج پانڌيئڙا حج ڪري سگهندا. جيڪڏهن ڪو پرڏيهه ۾ آهي ته اهو ڊالرز ۾ ادائگي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته حج پاليسيءَ تي ٻه سوال اُٿيا هئا جيڪي ڪميٽيءَ ڏانهن ريفر ڪيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ قومي ورثي بابت نگران وفاقي وزير جمال شاهه چيو ته افغانستان ۾ سڀ کان وڌيڪ موسيقار آهن، جيڪڏهن هو ق??نو??ي طريقي سان اچن ٿا ته انهن کي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته مجاهدن ۽ طال??ان ڪيترن ئي فنڪارن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو.