مظفر آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ??شم??ر جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن ۽ اخلاقيات جون ڌڄيون اڏائيندي معصوم ۽ بيگناهه ??شم??رين جي امنگن جي ابتڙ ڏاڍ، ظلم ۽ تشدد ۽ دهشتگردي جي ذريعي ڪسمير ۾ پنهنجي فوج لاهي رياست جي هڪ وڏي حصي تي جابراڻو قبضو ڪيو ۽ ان کانپوءِ انساني حقن جي خلاف ورزينجو اهڙو دور شروع ٿيو جو ??شم??رين کي انهن جي بنيادي انساني حقن کان ئي محروم ڪيو ويو، 27 آڪٽوبر تي خوني لڪير جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ??شم??ري، والاريل ڄمون ??شم??ر تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ??شم??ري عوام ڪڏهن به ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ڪيو، 1947ع ۾ عوامي بغاوت جي ذريعي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف آزادي جي جدوجهد شروع ڪئي جنهن سان ڀارت بوکلائجي ويو، ڀارتي حڪومت پهرين جنوري 1948ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سان رجوع ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ ??شم??رين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو جنهن تي گذريل 76 سالن کان عملدرآمد ڪرڻ کان انڪاري آهي ۽ مسلسل رياستي ظلم ۽ ڏاڍ سان ??شم??رين جي دلين مان آزادي جي تڙپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آزاد ??شم??ر جي وزيراعظم چيو ته والاريل واديءَ ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه ٿو گذري جڏهن ??شم??رين تي ظلم نه ٿيندو هجي، معصوم ??شم??رين تي اهڙا ظلم ڪيا ويا آهن جو جن سان انسانيت به شرمسار ٿي وئي آهي، ڀارت لکين ??شم??رين کي شهيد ڪري ڇڏيو، هزارين بيگناهه نوجو??نن کي قيد ڪري رکيو آهي، حريت قيادت مصيبت خ??نن ۾ رياستي ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهي آهي، هزارين عورتن جي لڄ لٽي وئي آهي جڏهن ته روزانو ??شم??رين جي ملڪيتن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، انساني تاريخ جي بدترين ظلمن جي باوجود ??شم??رين جو حوصلو بلند آهي ۽ انهن جي جذبي ۾ ذرو برابر به گهٽتائي ناهي آئي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر پنهنجي جابراڻي قبضي کي ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرآئيني غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدمن کانپوءِ زمينن جي قانون ۾ تبديلي ڪري پنهنجي قابض فوج کي ڇانوڻين جي لاءِ والاريل واديءَ ۾ زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي، اڳوڻن ڀارتي فوجين جي لاءِ ڪالونيون ٺاهيون پيون وڃن ۽ اسرائيل جي طرز تي والاريل ??شم??ر ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسيمبلي سيٽن ۾ حدبندي ڪميشن جي ذريعي ڦيرڦار ڪري مسلم??نن کي نمائندگي جي حق کان محروم ڪيو ويو آهي، ??شم??ر جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ جي لاءِ ??شم??ري نوجو??نن کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ دنيا کان والاريل ??شم??ر جي صورت??ال لڪائڻ جي لاءِ ميڊيا تي سخت پابندي??ن هنيون ويون آهن.