اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مر??ڪش سان واپار، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مر??ڪش پاڪستان جي ڪاروبار ??وست ماحول مان فائدو کڻي سگهي ٿو، پاڪستان جو نامزد سفير مر??ڪش ۾ پاڪستاني روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ ڪم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مر??ڪش ۾ پاڪستان جي نامزد سفير محمد سميع الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان – مر??ڪش لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ مفادن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن کي ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ملڪ ۾ سيڙپڪاري راغب ڪرڻ جي ل??ءِ جوڙي وئي، مر??ڪش پاڪستان جي ڪاروبار ??وست ماحول مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ان کان اڳ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير/ مستقل نمائندي ڊاڪٽر بلال احمد پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي چيو ته هو قومي مفادن ۽ ترجيحن جي تحفظ جي ل??ءِ گڏيل قومن سان پاڪستان جا مثبت لاڳاپا وڌائي، پاڪستاني عوامي صحت جي نظام جي صلاحيت وڌائڻ جي ل??ءِ صحت جي عالمي اداري سان لاڳاپن تي ڌيان ڏي. صدر چيو ته ليبر جو معيار ??رقرار ??کڻ جي ل??ءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اسلامو فوبيا، ڪشميرين ۽ فلسطيني عوام جي خراب حالت جهڙن مسئلن تي مسلمان امت جي آواز کي پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، نامزد سفير ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪرڻ، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪري. صدر نامزد سفيرن جي مستقبل جي ذميوارين جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.