اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني غزه جي ا??اهلي پاپسٽ اسپتال تي اسرائيلي حملي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسرائيل پاران غزه ۾ اسپتال تي ڪڌو حملو پنهنجي دفاع جو عمل نه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو حملو عالمي ا??ساني قانونن جي خل??ف ورزي ا??ي، جنهن ۾ معصوم بارن، عورتن، ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ پن??هه وٺندڙ بي گهر شهرين کي نشانو بڻايو ويو آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳ?? آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آ??ِ سي جي ا??گزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ۾ آهي، جنهن جو مقصد غزه جي بحران ۽ اتان جي محصور شهرين جي ا??ساني صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. هي اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير او آ??ِ سي جي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن جنهن ۾ مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جا پرڏيهي وزير شامل آهن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.