اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو و??ڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ۽ اليڪسن ڪ??يشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ اسان جي گڏيل ??مي??اري آهي، پنهنجي مينڊيٽ موجب سمورن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت خيبرپختونخواهه جي عوامي لاڳاپن واري کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اها ڳالهه هن خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري نگ??ان وزير بئريسٽر فيروز جمال شاهه ڪاڪاخيل سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندر چونڊن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، صحافين جي ڀلائي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي انفارميشن آفيسرن کي انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ تربيت ڏيڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته ملازمن ۽ آفيسرن کي جديد ميڊيا جي استعمال ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن بابت تربيت جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جو دائرو جديد دور ۾ وسيع ٿي چڪو آهي، مقابلي جي هن دور ۾ اسان کي جديد انفارميشن سسٽم تي مڪمل پُهچ حاصل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت خيبرپختونخواهه جي عوامي لاڳاپن واري کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنهنجي مينڊيٽ موجب سمورن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته نگ??ان حڪومت جي ??مي??اري آهي ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چوندن ۾ حصو و??ڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري، اليڪشن ڪ??يشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ به اسان جي گڏيل ??مي??اري آهي. نگ??ان وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ جرنلسٽ ويلفيئر انڊوومنٽ فنڊ رولز اهميت رکن ٿا، صحافي مشڪل حالتن ۾ فرض سرانجام ڏين ٿا، انهن جي ڀلائي لاءِ قدم لازمي آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگ??ان صوبائي وزير فيروز جمال شاهه ڪاڪاخيل چيو ته خيبرپختونخواهه جي نوجوانن کي سوشل ميڊيا جي استعمال جي حوالي سان تربيت فراهم ڪئ?? پئي وڃي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگ??ان حڪومت چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهي آهي، خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ممڪن بڻائينداسين. فيروز جمال شاهه چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگ??ان حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي. اطلاعات واري نگ??ان وفاقي وزير خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري کاتي کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.