اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ جي ٽن ضلعن ۾ پو??يو وائرس جي موجودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عالمن، استادن، والدين سميت سمورين ڌرين کي ??و??يو جي خاتمي جي آگاهي مهم ۾ شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پو??يو جي خاتمي جي لاءِ نيشنل ٽاس?? فورس جو اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پو??يو جي ملڪ مان مڪمل خاتمي لاءِ معاشري جي هر طبقي کي ان قومي فرض ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ملڪ جي ٻارن جي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل جي لاءِ هر ڪنهن کي ان مقدس مشن جو حصو بڻجڻو پوندو. هن هدايت ڪئي ته عالمن، استادن، والدين ۽ سمورين ڌرين کي ??و??يو جي خاتمي جي آگاهي مهم جو حصو بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ??دايت ڪئي ته پو??يو جي خاتمي جي مهم دوران پو??يو ورڪرز جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ پو??يو جي ڪيسز ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي پر ملڪ مان ان موذي مرض جي پاڙ ??ان خاتمي تائين اسان پنهنجي ڀرپور ڪوشش جاري رکنداسين، قوم جي لاءِ سڀ ??ان وڏو خوشي جو ڏينهن اهو هوندو جڏهن ملڪ جو هر ٻار ان خطرناڪ مرض ??ان مڪمل طور تي محفوظ هوندو، اها مڃيل حقيقت آهي ته سمورن عالمن بشمول امام ڪعبه پڻ پو??يو ??ان بچاءُ جي ڦڙن کي بلڪل محفوظ ۽ ٻارن جي معذوري ??ان پاڪ مستقبل جي لاءِ انتهائي ضروري قرار ڏنو آهي. نگران وزيراعظم ملڪ جي ٽن ضلعن ۾ پو??يو وائرس جي موجودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته جن ضلعن ۾ پو??يو وائرس جي موجودگي جي اطلاع آهي اتي خصوصي پو??يو جي خاتمي جي مهم هلائي وڃي. هن چيو ته پو??يو وائرس جي خلاف جنگ اسان جي مستقبل جي بقاءَ جي جنگ آهي جنهن کي اسان کي ??ر قيمت تي کٽڻو پوندو. نگران وزيراعظم پو??يو جي خاتمي جي قومي پروگرام ۾ وڌي چڙهي شرڪت ڪرڻ ۽ اهم تعاون تي سمورن عالمي حصيدار?? جا ٿورا مڃيا. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته 2022ع ۾ ملڪ ۾ رپورٽ ٿيل 20 ڪيسز جي مقابلي ۾ هلندڙ سال اڃا تائين رڳو ٻه ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن جنهن جو وڏو سبب قومي سطح تي پو??يو جي خاتمي جي مهم جو تسلسل ۽ حڪومتي سطح تي ڪوششون آهن. نگران وزيراعظم صحت واري وزارت، نيشنل ٽاس?? فورس، صوبائي حڪومت ۽ انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پو??يو جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس کي صوبائي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽريز پو??يو جي صوبن ۾ موجوده صورتحال ۽ حڪومتي ڪوششن ??ان آگاهه ڪيو. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پو??يو ??ان بلڪل پاڪ آهي جڏهن ته هلندڙ سال خيبرپختونخواهه ۾ هيستائين رڳو بنون ۾ ٻه ڪيسز جي نشاندهي ٿي آهي. اجلاس ۾ صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان، نيشنل ٽاس?? فورس جي اعليٰ عملدارن، چئني صوبن جي نگران وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.