اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر فاروق حامد نائيڪ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برڪس ۾ مڪمل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حوالي سان جامع بريفنگ ڏني. هن برڪس جي تاريخ ۽ مقصدن تي روشني و??ي جنهن ۾ تازو ئي سعودي عرب، يو اي اي، ارجنٽائن، مصر ۽ ايٿوپيا جهڙن ملڪن کي ميمبرشپ ڏني وئي آهي. هن چيو ته برڪس جي توسيع ميمبرن جي اتفاق راءِ تي آهي. پاڪستان عالمي مالياتي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڊالر تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي پنهنجي هدفن جي ڪري ان گروپ ۾ شامل ٿيڻ جي امڪانن کي فعال طور تي ڳولي رهيو آهي. پرڏيهي وزارت برڪس ۾ پاڪستان جي داخلي کي هموار ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان ??شاورت جو عمل شروع ڪيو آهي. اجلاس ۾ سينيٽرن پاران برڪس ۾ پاڪستان جي شموليت جي حوالي سان ڀارت پاران امڪاني ويٽو بابت خدشن جو اظهار ڪيو ويو. نگران ??رڏيهي وزير يقين ڏياريو ته اهڙي طرح جي ويٽو جو سهارو وٺندڙ ڪو به ميمبر گروپ جي اندر پنهنجي حيثيت کي خطري ۾ وجهي ٿو. هن پاڪستان جي ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ڪنهن بلاڪ پاليٽڪس ۾ ملوث نه ٿيندو جنهن جو مقصد سمورين قومن سان ??ثبت لاڳاپا رکڻ آهي. آمريڪا سان ??اڪستان جي لاڳاپن باتب سوالن جا جواب ??ين??ي نگران ??رڏيهي وزير روس ۽ يوڪرين جي صورتحال جهڙن تڪرارن جي عالمي اثرن تي روشني وڌي. هن موجوده دنيا جي گڏيل رابطي جي ڏس ۾ سمورين قومن سان ??ثبت لاڳاپا برقرار رکڻ جي پاڪستان جي پاليسي تي زور ڏنو. ڪميٽي جي چيئرمين جي پڇڻ تي نگران ??رڏيهي وزير چيو ته برڪس ۾ ميمبرشپ پاڪستان کي هڪ اهم عالمي فورم تي نمائندگي ??ين??ي ۽ ميمبر ملڪن سان ??اپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي آسان بڻائيندي. چترال ۾ ٽي ٽي پي جي تازي حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ امن امان جي صورتحال بابت پڇيل سوال تي نگران ??رڏيهي وزير يقين ڏياريو ته صورتحال ضابطي ۾ آهي، پاڪستان افغان عبوري حڪومت سان ??عال طور تي مصروف ??مل آهي، اسان جو سفير ان ??عاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ افغان عملدارن سان ??لاقات ڪري رهيو آهي. هن افغان ??م منصبن سان ??سلسل ڳالهه ٻولهه ذريعي اهڙين حالتن کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. مختلف ملڪن ۾ مقررين جي مدي سان گڏوگڏ نان ڪيريئر سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز جي لاءِ مقرري جي پاليسي جو ذڪر ڪندي نگران ??رڏيهي وزير واضح ڪيو ته نان ڪيريئر مقررين جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا آهي جنهن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٿو، نان ڪيريئر ڊپلوميٽس جي چونڊ جي حوالي سان ??ن چيو ته حڪومت مخصوص معيار ۽ قاعدن کانسواءِ موزون هجڻ کي ترجيح ڏي ٿي. اجلاس ۾ سينيٽرز مشاهد حسين سيد، زرقا سهروردي تيمور، پلوشه محمد زئي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، وليد اقبال ۽ محمد طاهر بزنجو کانسواءِ نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.