اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نصاب ڪنهن به تعليمي انفراسٽرڪچر ۾ ڪرنگهي ج?? هڏي ج?? حيثيت رکي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪست??ن جي آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ کي پنهنجي قومي نصاب ۾ شامل ڪري، اسان پ??هنجي ايندڙ نسل جي لاءِ پنهنجي حقن ۽ ذميوارين کي چڱي طرح سان ڄ??ڻڻ جو بنياد رکيو آهي. هن چيو ته اس??ن جو تصور اهو آهي ته جڏهن اس??ن جا ٻار هن ملڪ جون واڳون سنڀاليندا ته اهي آئين سان گڏوگڏ انفارمي??ن ٽيڪنالاجي ج?? علم کان به چڱي ريت واقف هوندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سلمان صوفي ج?? سربراهي ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ تعليم واري وزارت سان گڏجي انهن سڌارن جي قيادت ڪئي آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته اسان پ??هنجي حڪومت جي مدي ج?? مختصر عرصي ۾ بامعنيٰ تعليمي سڌارن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهون.