لاهور – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ قومي ايئرلائين جي ??ئي?? سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي جي ??اءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي عيد کانپوءِ پي آءِ اي جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته گذريل حڪومت جي ??ااهلي جي ڪري قومي ايئرلائين کي اربين رپين جو نقصان ٿيو ۽ ان جي ??ااهل وزيرن عالمي سيڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو، قومي ايئرلائين کي خ??ار?? مان ڪڍڻ جي ??اءِ سڌارا لازمي آهن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزيرخواجه سعد رفيق وزيراعظم کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ تجويز ڪيل روڊ ميپ ۽ سڌارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته قومي ايئرلائين کي موجوده بحران مان ڪڍڻ جي ??اءِ ٻيڙي ۾ جهازن جو انگ 27 کان وڌائي 49 ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير جي ??ي آءِ اي بابت ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته قومي ايئرلائين خ??ار?? مان نڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي غيرذميواراڻي بيانن جي ڪري قومي ايئرلائين يورپ ۽ آمريڪا جا فضائي رستا وڃائي ڇڏيا، گذريل حڪومت جي ان نااهلي جي ڪري قومي ايئرلائين کي اربين رپين جو نقصان ٿيو، گذريل حڪومت جي ??ااهل وزيرن عالمي سيڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو. هن چيو ته پي آءِ اي انهي صورت ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو ته ان کي نج منافعي ۽ نقصان جي بنياد تي پيشيور انتظامي ماهر هلائين، قومي ايئرلائين کي خ??ار?? مان ڪڍڻ جي ??اءِ سڌارا لازمي آهن. هن چيو ته حڪومت اهڙو پاليسي نظام کڻي اچڻ طرف قدم وڌائي رهي آهي جتي حڪومت جو ڪم ??ڳو پاليسي فيصلا ۽ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن ۽ ڪمپنين کي سهولت فراهم ڪرڻ هوندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي وزير سيد نويد قمر، محمد اسحاق ڊار، احسن اقبال، خاص معاون محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم پي آءِ اي جي ??ئي?? سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي جي حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن جي ??يمبرن ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، خاص معاون جهانزيب خان ۽ ايوي ايشن جو سيڪريٽري شامل هوندا. اها ڪميٽي اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ پي آءِ اي جي ??ئي?? سر تنظيم سازي ۽ بحالي جي حوالي سان مختلف آپشنز جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان پنهنجون سفارشون عيد کانپوءِ ڪابينا ۾ پيش ڪندي.