اسلام آباد-19 جون (اي پي پي)سينيٽ ۾ بجيٽ 24-23ع لاءِ 55 سفارشن جي منظوري ڏني وئي جيڪي قومي اسيمبليءَ ڏانهن موڪليون ويون آهن. سينيٽ ??ي اجلاس ۾ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين سليم مانڊوي والا، سينيٽ ??ون بجيٽ ??فارشون ايوان ۾ پيش ڪيون. سينيٽ ??رفان سفارش ڪئي وئي ته ايف بي آر ۾ رجسٽرڊ ريٽيلرز ۽ برانڊز تي س??لز ٽيڪس جي شرح 15 بدران 12 سيڪڙو تي برقرار رکي وڃي. فائلرز لاءِ ڪريڊٽ ڪارڊ ٽرانزيڪشن تي هڪ سيڪڙو کان وڌائي 5 سيڪڙو ۽ نان فائلرز لاءِ 2 کان 10 سيڪڙو برقرار رکيو ??ڃي. ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ وٺندڙن لاءِ فني تربيت لازمي قرار ڏنو وڃي ته جيئن ان لائن بز??س ذريعي آمدني ڪمائي سگهن. ريئل اسٽيٽ ۽ زرعي شعبي تي لاڳيتو ٽيڪس لاڳو ڪيو ??ڃي، خساري ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪئي وڃي ۽ پي آءِ اي پاڪستان اسٽيل ملز جهڙن سالن کان وڏي خساري جو شڪار ادارن جي نجڪاريءَ جو عمل تيز ڪرڻ گهرجي. روانگي واپار واري صنعتن کي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وڃي ۽ کين گيس فراهم ڪئي وڃي. سڌيءَ ريت غير ملڪي س??ڙپڪاريءَ لاءِ ٽيڪس فري زون بڻايو ??ڃي. ٻج، ڀاڻ، شمسي توانائي جي اوزارن ۽ روزمره جي استعمال جي شين، کاڄري تيل تي سبسڊي جو طريقو جوڙيو ??ڃي. يوٽيلٽي اسٽورز تي س??ورين شين جي سستي دستيابي يقيني بنائي وڃي. 24-23ع جي بجيٽ ۾ نيشنل ڊولپمينٽ والنٽيئر پروگرام لاءِ فنڊ رکيا وڃن. صحت جي شعبي لاءِ فنڊز وڌايا وڃن. لان ٽينس ريڪٽس، بيڊمنٽن ريڪٽس، اسڪوائش ريڪٽس، لان ٽينس بال، اسڪوائش بالز، ٽيبل ٽينس بالز، بيڊمنٽن شٽل ڪاڪس ۽ باسڪيٽ ??ال جي آمدني واپار تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي. سينيٽ ??فارش ڪئي آهي ته 2015ع کان لاڳو سپر ٽيڪس ختم يا واپس ورتو وڃي. سينيٽ ??فارش ڪئي آهي ته ڪمپني بئنڪنگ اڪائونٽ اڳواٽ نوٽيس کان سواءِ بلاڪ نه ڪيو ??ڃي. انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس جي ري فنڊ ۾ موجود رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن. سينيٽ ??فارش ڪئي ته 2 ڪي وي جي جنريٽرز کي ٽيڪس فري قرار ڏنو وڃي. سينيٽ ??فارش ڪئي ته آءِ ٽي جي شعبي لاءِ 5 سيڪڙو جي شرح سان ان پٽ ٽيڪس قابل واپسي هئڻ گهرجي. سينيٽ ??فارش ڪئي ته آءِ ٽي جي شعبي جي شيئ??ز جي وِڪري کي ڪيپيٽل گين ٽيڪس مان ڇوٽ ڏني وڃي. سينيٽ ??فارش ڪئي ته ملڪ ۾ تجديد جوڳي توانائيءَ جي شعبي جي ترقيءَ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن. ملڪ ۾ هنر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. سينيٽ ??فارش ڪئي ته بجلي بلن ۾ وصول ٿيندڙ ٽي وي فيس 35 رپين مان وڌائي 50 رپيو ??اهوار ڪئي وڃي ۽ اضافي 15 رپيا ريڊيو ??اڪستان کي مالي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڏنيون وڃن. سينيٽ ??فارش ڪئي ته بلوچستان روينيو اٿارٽي جي س??ڪار سان سي او پي ايڇ سي جي ٽيڪس جي ڇوٽ جي تجويز تي غور ڪيو ??ڃي. سينيٽ ??فارش ڪئي ته گوادر کي ٽيڪس فري زون قرار ڏنو وڃي ۽ گوادر ڊولپمينٽ اٿارٽي لاءِ بقايا فنڊز جاري ڪيا وڃن. سينيٽ ??فارش ڪئي ته لوڪل اسڪريپ جي خريداري جي ادائگيءَ لاءِ اسٽيل ملز کي اجازت ڏيڻ گهرجي. سينيٽ ??فارش ڪئي ته اسڪريپ جي س??لاءِ ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪري 0.25 سيڪڙو ڪئي وڃي. سينيٽ ??فارش ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ روانگي واپار جي شعبي کي ريجنل ڪمپيٽيٽو انرجي ٽيرف لاءِ 104 ارب رپيا رکيا وڃن. جوسز انڊسٽري لاءِ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي. سينيٽ ??فارش ڪئي ته ايگريڪلچر اسپري مشينن کي ٽيڪس فري قرار ڏنو وڃي. تربيتي مقصدن لاءِ درآمدي جهازن تي 5 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 5 سيڪڙو سيلز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وڃي. سينيٽ ??فارش ڪئي ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ مناسب فنڊز رکيا وڃن.