اسلام آباد -13 ??ون (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي، ته سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت 80 کان هڪ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي. صوبائي حڪومت عوام ??ي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، تنهن هوندي به انهن کي پنهنجي تحفظ لاءِ پاڻ به موثر تدبيرو?? اختيار ڪرڻ گهرجن. قومي اسيمبلي ۾ شازيه عطا مري چيو ته پاڪس??ان کي سامونڊي طوفان سبب شديد خطرو آهي، اسان ان سوچ ويچار ۾ آهيون ته ڪيئن ماڻهن ??ي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان سبب بدين ۽ ٺٽي کي خطرو آهي، ڪراچي شهر ۾ طوفان جي خطري کي نظر ۾ رکندي بل بورڊز هٽائڻ جو ڪم جاري آهي، 14 ۽ 15 جون تي وڏو خطرو کي سامهون هوندو. هن چيو ته ماڻهن کي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، سنڌ حڪومت 80 کان هڪ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي، عوام کي پنهن??ي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پاڻ به حفاظتي تدبيرو?? اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سامونڊي طوفان سان بلوچس??ان کي به خطرو آهي، اسپيڪر کي به ماڻهن کي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي تلقين ڪري.