اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب عراقي ??ادي واري شهر بغداد پهچڻ تي عراقي نائب پرڏيهي وزير ??ميت ٻين عراقي عملدارن، بغداد ۾ پاڪستان جي سفير ??حمد امجد علي ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير ??ڄ باضابطا ڳالهيون پڻ ڪندا. پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري کي دوري جي دعوت عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين ڏني آهي. پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري دوري دوران عراقي قيادت سان ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن ۽ ٻطرفي تعاو?? وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏيهي وزير ??ي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.