پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 ۽ 10 مئي جي دل ڏکوئيندڙ واقعن پاڪستاني عوام کي غمگين ڪيو، 9 مئي جي شرپسندن ۽ دهشتگردن ۽ و??ن دشمنن ۾ ڪو فرق نه آهي، انهن شرپسندن کي ق??نون ۽ انصاف موجب سزا ضرور ملندي ته جيئن ڪير ٻيهر اهڙي جرئت نه ڪري سگهي، تاريخي ۽ قومي ورثي کي ساڙي ڇڏڻ حب الوطني نه آهي، ريڊيو پاڪست??ن جي ملازمن جي حوصلي کي داد ڏيان ٿو، اطلاعات واري وزير ريديو پاڪست??ن جي متاثر عمارت جي فوري بحالي جي لاءِ قدم کڻي. هو ريڊيو پاڪستان پشاور جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ڊي جي ريڊيو پاڪستان طاهر حسن پڻ خطاب ڪيو ۽ ريڊيو پاڪست??ن جي 9 ۽ 10 مئي تي شرپسندن جي هٿان پهچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏو وزير، اعظم خان، وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله، اسحاق ڊار، احسن اقبال، صلاحڪار امير مقام ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان سڀ ريڊيو پاڪست??ن جي تاريخي عمارت کي ڏسي ڏکويل آهيون. هن عمارت ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ريڊيو جو سيٽ اپ موجود هو ۽ هتان ئي لاهور وانگر 13 ۽ 14 آگسٽ 1947ع جي وچ واري رات آزادي جون صدائون بلند ٿيون ۽ پوري دنيا کي ان تاريخي مرڪز تان قائداعظم جي عظيم جديد ۽ لکين مسلمانن جي ق??بانين جي نتيجي ۾ پاڪست??ن جي وجود ۾ اچڻ جي خوشخبري ٻڌائي وئي. 9 ۽ 10 مئي دور??ن جيڪي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا انهن پاڪستان ۾ رهندڙ 23 ڪروڙ عوام کي شديد دلي صدمو پهچايو ۽ ڏک ۽ ڪاوڙ سڄي پاڪستان ۾ ڏٺي وئي. هن چيو ته جنهن سينٽر تان پاڪستان ٺهڻ جي خوشخبري ٻڌائي وئي ان کي راک جو ڍير بڻائي ڇڏڻ، ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني نه ٿي ٿي سگهي. ان سان گڏ چاغي جي يادگار کي تباهه ڪيو ويو، يادگار پاڪست??ن جي دفاعي طاقت جو شاهڪار هو جنهن جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي ۽ ??ن جي انتها 28 مئي 1998ع تي ٿي. ان دوران سمورين حڪومتن ان عظيم دفاعي پروگرام جي لاءِ پنهنجو حصو وڌو. وسيلا ۽ توانائيون مهيا ڪيون. هڪ عزم سان ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ۽ انهن سمورين گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان ائٽمي طاقت بڻيو ۽ قيامت تائين دشمن پاڪستان طرف ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي. ان يادگار کي تباهه ڪيو ويو. اها ملڪ دشمني آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان پشاور تان پاڪست??ن جي خوشخبري ٻڌائيندڙ ظهور اظهر، مصطفيٰ همداني جهڙا ماڻهو تاريخ جي ورقن ۾ سدائين ياد رکيا ويندا. هتي موجود آرڪائيوز کي ساڙيو ويو. دنيا پنهنجي سڃاڻپ ۽ تاريخي ورثن کي جان کان به وڌيڪ ويجهو رکي ٿي ته جيئن ايندڙ نسلون ان مان فيض ياب ٿين ۽ هتي ان ورثي کي ساڙيو ويو. ڪاش اها ڊيجيٽائيز ٿي چڪي هجي پر وقت ساٿ نه ڏنو. صوة القرآ?? جو حصو بچي ويو جنهن تي الله جا شڪرگزار آهيون. هن چيو ته 100 سالا رڪارڊ جو تباهه ٿيڻ افسوسناڪ آهي. هن اداري جي ملازمن جي حوصلي کي داد ڏيان ٿو. عبدالله ۽ نصير جهڙي طرح شرپسندن کي روڪيندي زخمي ٿيا انهن جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا. اس??ن جي هٿياربند فوج ۽ عام شهرين سدائين پاڪست??ن جي حفاظت ڪئي آهي. وزيراعظم ان موقعي تي فوري طور تي ملازمن جي پگهارن جي ادائيگين جا حڪم جاري ڪيا جنه?? جو انتظام اڄ ئي ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ??ن جو دورو نمائشي نه آهي. ان دل ڏکوئيندڙ واقعن کانپوءِ اسان کي اندازو ٿيڻ گهرجي ته جن ماڻهن اهو انتهائي شرمناڪ ڪم ڪيو انهن ۾ ۽ دهشتگردن ۽ پاڪست??ن جي دشمنن ۾ ڪو فرق نه آهي. وزيراعظم چيو ته اسان اهو وچن ڪريون ٿا ته اهڙي ق??م جا واقعا ٻيهر نه ٿيڻ ڏينداسين. دشمن به ايتري جرئت نه ٿو ڪري سگهي. ان شرپسندي ۾ ملوث عنصرن کي ق??نون موجب ضرور سزا ملندي. وزيراعظم اطلاعات واري وزير کي چيو ته هو ريڊيو جي عمارت جي مرمت جو ڪم فوري شروع ڪرائي ته جيئن هي ادارو ٻيهر پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ اس??ن جي عزم ۽ ولولي جو ذڪر ڪري سگهي ته مشڪلاتن جي باوجود اسان قائداعظم جي پاڪست??ن جو خواب ضرور پورو ڪنداسين.