اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف حڪومت ۾ شامل پارٽين جي قائدين کي جدا جدا ٽيليفون ڪيو ۽ انهن کي عيد جي مبارڪباد ڏني. پي ايم آفيس جي پريس ونگ موجب وز??را??ظم پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وز??را??ظم پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به ٽيليفون ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وز??را??ظم محمد شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي، بختار ۽ آصفه جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل، (ق) ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت ح??ين، ايم ڪيو ايم جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب احمد خان شيرپائو، جمعيت الحديث جي سربراهه پروفيسر ساجد مير ۽ جمعيت علماءِ پاڪستان جي سربراهه شاهه اويس نوراني کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. وز??را??ظم شهباز شريف جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ ان کي عيد جي مبارڪباد ڏني. وز??را??ظم شهباز شريف چئين گورنرز کي پڻ ٽيليفون تي عيد جي مبارڪباد ڏني. وز??را??ظم پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي به ٽيليفون ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وز??را??ظم شهباز شريف خي??رپختونخواهه جي وڏي وزير، اعظم خان ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پڻ ٽيليفون تي عيد جي مبارڪباد ڏني.