اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چي??رمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلز لائرز فورم خيبرپختونخواهه جي صوبائي عهديدار عمران ايڊووڪيٽ جي والد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته قيادت سميت پوري پارٽي توهان جي ڏک ۾ برابر ??ي شريڪ آهي. هن م??حوم جي لاءِ جنت الفردوس ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ??ميل جي دعا پڻ ڪئي.