اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجي?? آهي، حڪومت بلوچستان جي باصلاحيت افرادي قوت جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جي وفد ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ پاڪ ايران واپار جي فر??غ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد ۾ دفاعي پيداوار وارو وفاقي و??ير سردار اسرار ترين، مملڪتي و??ير هاشم نوتيزئي، قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، زبيده جلال، احسان الله ريڪي، روبينه عرفان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز بلوچ شامل هئا.