اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دماغي صحت وڏو چئلينج آهي، ملڪي ذهني صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ٺ??س موقف جي ضرورت آهي، ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني صحت جي ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ مبتلا آهي، ذهني صحت جي حوالي سان حڪومت، صحت جي م??هرن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ ميڊيا کي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ ايوان صدر ۾ ذهني صحت جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ جو سربراهه سلمان صوفي ۽ نفسيات جا ماهر وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن دماغي صحت جي م??ئلن ۾ ورتل ماڻهن کي خدمتون فراهم ڪرڻجي لاءِ هڪ گڏيل نگهداشت جي م??ڊل جي ضرورت تي زور ڏنو. سلمان صوفي وزيراعظم سيڪريٽريٽ پاران دماغي صحت جي خدمتن تائين پهچ جي لاءِ همراز پليٽ فارم ۽ مينٽل هيلٿ هيلپ لائين بابت ٻڌايو. شرڪت ڪندڙن بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته دماغي صحت جي م??ئلن ۾ ورتل ماڻهن کي لاڳاپيل ذهني صحت جون خدمتون ۽ مشاورت فراهم ڪرڻ جي لاء?? اڃا تائين 140 نفسياتي م??هر رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، وزيراعظم 23 مارچ 2023ع تي موبائيل ايپ/ ويب پورٽل ۽ 1166 ٽول فري هيلپ لائين جي شروعات ڪندو. اجلاس ۾ دماغي صحت جي م??ئلن جي حوالي سان سمورن ??روگرامن ۽ قدمن کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته دماغي صحت جي م??ئلن جي حوالي سان سمورن ??روگرامن ۽ قدمن کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر وزيراعظم پاران دماغي صحت ۽ تندرستي جي حوالي سان کنيل قدم کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم آفيس جي ذهني صحت تي هم آهنگي تمام اهم آهي، وزيراعظم جي دماغي صحت جي پروگرام ۾ سمورن ??ين ڪمن کي گڏ ڪرڻ گهرجي. صدر زهني صحت جي حوالي سان اين جي اوز ۽ تسڪين هيلٿ انيشي ايٽو جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته صحت جي عالمي اداري حڪومت پاران ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيو، قدم جي حمايت جو اظهار ڪيو.