مظفر ڳڙهه – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي حوالي سا?? ماڻهن کي مشڪلاتون درپيش آهن، ڊي ايڇ ڪي?? اسپتال مظفر ڳڙهه ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتون بهتر آهن پر هتي ڪارڊيالوجي جي شعبي ۾ سهولتن جي سخت ضرورت آهي، ايمرجنسي جي حوالي سا?? جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪ??دا??ين، مظفر ڳڙهه ۾ مدر اينڊ چائلڊ اسپتال به ضرور ٺـهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفر ڳڙهه جي ڊي ايڇ ڪي?? اسپتال ۽ پنجاب ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ڪاليج (ٽيوٽا) جي دوري کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪي??. مملڪتي وزير اسپتال ۽ ڪاليج ۾ مختلف شعبن جو معائنو ڪي??. سي اي او هيلٿ ڊاڪٽر ??فر عباس، ايم ايس ڊاڪٽر ??ياءَ الحسن ۽ پي ايم اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر يوسف نسيم بخاري مملڪتي وزير حنا رباني کر کي اسپتال جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر ??ياءَ الحسن چيو ته ايڪسري جي ڊيجيٽل فلمن ايل سي ڊيز تي پابندي سبب پورٽ تي ڦاٿل آهن، جڏهن ته ڊالر و??ڻ جي ڪري به فلمن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جي ڪري به مشڪلاتون وڌيون آهن. اسپتال انتظاميا مملڪتي وزير کي اسپتال ۾ عملي، وسيلن جي گهٽتائي ۽ مشڪلاتن بابت آگاهه ڪي??. مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته هو ان حوالي سا?? لاڳاپيل عملدارن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪندي.