اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته اليڪشن ڪميشن ت?? دٻاءُ وجهي غيرآئيني طور تي اليڪشن جي تاريخ وٺڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، صدر عارف علوي جي وفاداري آئي?? سان هجڻ گهرجي. جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، عمران خان جي ٽائيگر فورس بڻجڻ نه ڏينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته صدر عارف علوي آئين شڪني ڪئي ته آرٽيڪل 6 کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چي?? ته صدر عارف علوي جي وفاداري آئي?? سان هجڻ گهرجي. هن چي?? ته عارف علوي قومي اسيمبلي تحليل ڪري اڳ ۾ ئي بظاهر آئين شڪني ڪر?? چڪو آهي. وفاقي وزير چي?? ته سپريم ڪورٽ جي تشريح موجب صدر جو عهدو علامتي آهي، سپريم ڪورٽ موجب ڪنهن هڪ سياسي پارٽي سان ڳٺ جوڙ صدر جي منصب ۽ حلف جي خلاف ورزي آهي.