اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ پاڪ ايران سرحد تي دهشتگردن جي فائرنگ سان پاڪ فوج جي چئن جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته دهشتگرد عنصر پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اسان جا حوصلا مضبوط آهن، اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي ل??ءِ پرعزم آهن. پنهنجي ب??ان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد علي، لانس نائيڪ فريد الله خان، لانس نائيڪ عبدالرزاق ۽ لانس نائيڪ محمد يونس خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي ل??ءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.