جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل انتونيو گوتيرس چيو آ??ي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آ??ي، انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ٽن سالن جي مدي ۾ 16.3 ارب ڊالر جي امداد گهربل هوندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل اها ڳالهه جنيوا ۾ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيدا??ي جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. ه?? چي?? ته ڪانفرنس جي ذريعي ڪيش، ٽرانسفر ۽ ٻين طريقن سان مدد ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو پاڻ وڃي مشاهدو ڪيو، تازي ٻوڏ سان پاڪستان جو وڏو حصو متاثر ٿيو آ??ي. گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل انتونيو گوتيرس چي?? ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جا منظر ڏسي دل ٽٽي وئي، ٻوڏ سان 80 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا، مشڪل حالت ۾ به پاڪستانين جو جذبو ڏسي حيران ٿي ويس. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جا ٿورا مڃيا. انتونيو گوتيرس چي?? ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آ??ي، پاڪستان جي عوام ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آ??ي. گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل چي?? ته ماحول ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو به نه آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو ذميوار پاڪستان هرگز نه ٿو ٿي سگهي. ه?? چي?? ته ڪانفرنس ان ڊگهي سفر جي شروعات آهي جنهن کي سڀني کي گڏجي طئي ڪرڻو آ??ي. پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيدا??ي جي موضوع تي جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل انتونيو گوتيرس ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب دوران ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيدا??ي جي اهميت تي زور ڏنو.