ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) تاجڪستان، ازبڪستان، ايران ۽ منگوليا جي صدرن و??ير??عظم شهباز شريف جي موسمياتي تبديلي کي منه?? ڏيڻ کي شنگهائي تعاون تنظيم پاران اٿارڻ جي تجويز جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت جو اعلان ڪ??و آهي. و??ير??عظم جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس سي او ۽ رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي هلندڙ اجلاس جي ميزباني ڪندي زور ڏنو ته و??ير??عظم پاڪستان جي پيش ڪيل تجويز ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ گهرجي. ايس سي او جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ تاجڪستان جي صدر امام ??لي رحمان و??ير??عظم شهباز شريف جي تجويز جي سڀ کان اڳ حمايت جو اعلان ڪ??و آهي. ايس سي او مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي تازي اجلاس جي سربراهه تاجڪستان جي صدر امام ??لي رحمان کانپوءِ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان، منگوليا ۽ ايران جي صدرن پڻ پاڪستان سان يڪجهتي ۽ حمايت جو اعلان ڪيو. تاجڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس سي او جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ شديد تباهي کي منه?? ڏيڻ ۾ پاڪستان کي ڀرپور مدد ۽ حمايت فراهم ڪئي وڃي.