اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سمُورا قيمتي غيرملڪي ت??فا ذاتي استعمال ۾ آڻڻ بدران توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جي منفرد روايت ۽ مثال قائم ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اهي ت??فا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا وڃن ته جيئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت ??ان آگاهه ٿئي، ان مقصد جي لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه رکي وڃي. سرڪاري ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ منفرد مثال ۽ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته وزيراعظم کي ملندڙ غيرملڪي ت??فا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته غيرملڪي ت??فا عوام کي ڏيکارڻ جو اهتمام ڪيو وڃي ته جيئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت ??ان آگاهه ٿئي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه رکي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ کان ملندڙ ت??فا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. توشه خانه ۾ جمع ڪرايل تحفن جي ماليت 27 ڪروڙ رپيا آهي. وزيراعظم کي اهي قيمتي ت??فا نار ملڪن جي دورن دوران مليا هئا. تحفن ۾ هيرن سان ٺهيل ٻه قيمتي گهڙيون به شامل آهن. هڪ گهڙيءَ جي ماليت 10 ڪروڙ ۽ ٻي جي قيمت 17 ڪروڙ ٻڌائي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب نار رياستن پاران وزيراعظم شهباز شريف کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا ت??فا ڏنا ويا جڏهن ته وزيراعظم گهڙيون، قيمتي قلم، مُنڊي، ڪف لنڪ (بٽڻ) ۽ خوشبو سميت سمورا وڏي قيمت وارا ????فا توشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ذريعن موجب شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور پنهنجي 10 سالا دور ۾ ملندڙ سمورا ??يرملڪي ت??فا توشه خانه ۾ جمع ڪرائيندو رهيو آهي.