اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ جرمني جي سفير ايلفرڊ گراناس ڪالهه آچر ڏينهن پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي ??ڊيو پيغام پاڪستاني عوام کي ”جشن آزادي جون کوڙ ساريون مبارڪون“ چيو. هن چيو ته اڄ مون مختلف رستن جي ڪناري تي ڪيترائي خصوصي اسٽالز ڏٺا، ??ون رستي ڪناري بيهي پاڪستاني جهنڊو پنهنجي رهائشگاهه تي هڻڻ جي ??اءِ خريد ڪيو. هن چيو ته آئون توهان سڀني س??ن گڏ توهان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جون خوشيون ملهائڻ ۾ شريڪ آهيان. جرمن سفير وڌيڪ چيو ته مون پاڪستان ۾ تازو ئي ذميواريون سنڀاليون آهن ۽ مون کي هتي اچ?? تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته آئون پاڪستاني عوام سان ملاقات جو سدائين خواهشمند رهيو آهيان ۽ پاڪستان ۽ جرمني کي ويجهو دوست ۽ اتحادي بڻائڻ جي حوالي س??ن گڏيل مفادن جي ??روغ لاءِ پرعزم آهيان.