اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق چيو آهي ته زندهه قومون پنهنجي ملڪ جي آزادي جو جشن تجدي?? عهد سان شڪراني جو سجدو ڪري ملهائينديون آهن. پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ هن چيو ته قوم ک?? ا??و معلوم هجڻ گهرجي ته اسان کي آزادي ج?? ا??ا عظيم نعمت پليٽ ۾ رکي پيش نه ڪئي وئي. ان آزادي جي راهه ۾ اسان جي بزرگن بي مثال قربانيون ڏنيون هيون. انهن کي آزادي حاصل ??رڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندي باهه ۽ خون جي درياءَ مان گذرڻو پيو. اها الله تعاليٰ جي رحمت ۽ رهنمائي ۽ مدد ئي هئي جنهن آزادي جهڙي عظيم نعمت سان اسان کي نوازيو، ان ۾ پنهنجي پروردگار جو جيترو به شڪر ادا ڪيو وڃي گهٽ هوندو.