اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جسٽس صفدر علي شاهه مرحوم جي بيواهه ۽ اسلام آباد هاءِ ڪور?? جي چيف جسٽس اطهر من ??لله جي سَسُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جمي?? عطا فرمائي. هن چيو ته والده جهڙي شفيق هستيءَ جو لاڏاڻو هڪ وڏو صدمو آهي ۽ اسان سوڳوار خ??ندان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون.