اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اپوسٽل ڪنوينشن ۾ پاڪس??ان جي شموليت سان ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي آساني ٿيندي، هاڻي پاڪستاني تصديق ٿ??ل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اپوسٽل ڪنونيشن ۾ پاڪس??ان جي شموليت ٻاهري?? ملڪ سفر ڪندڙ ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين کي تمام گهڻي آساني ٿيندي، پنهنجي شهرين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هاڻي پاڪس??ان ۾ تصديق ٿ??ل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا ۽ اسان جا شهري شادي جا سرٽيفڪيٽ، ڊگريون ۽ ٻيا دستاويز پاڪس??ان ۾ پرڏيهي وزارت جي مجاز آ??يس??ن کان تصديق ڪرائي سگهندا جن کي وڌيڪ تصديق جي ضرورت کانسواءِ عالمي سطح تي قبول ڪري سگهبو.