اسلام آباد – 25 R11; اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف راولپنڊي اسلام آباد جي شهرين سان هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇ??يو. فيض آباد کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ کي مي??رو بس سروس سان ڳنڍيو ويو. شهري نيو اسلام آباد ايئرپورٽ کان فيض آباد ۽ فيض آباد کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين آساني سان سفر ڪري سگهندا. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين سان 7 ڏينهن ۾ پنهنجو واعدو پورو ڪري ڏيکاريو. وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد مي??رو جو چار سال کان نامڪمل منصوبو 4 ڏينهن ۾ فعال ڪرايو. وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد مي??رو جي افتتاح ت?? اعلان ڪيو هو ته رمضان المبارڪ ۾ شهري اسلام آباد مي??رو ۾ مفت سفر ڪندا.