اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ ۽ ان جو استحڪام ۽ ترقي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي، اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر مصري ??فير طارق دهرواگ سان ڳالهائيندي چئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته مصر جو صدر عبدالفتح السيسي جي قابل قيادت ۾ سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف گامزن آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ هڪجهڙي ثقافتي وابستگي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موقف ۾ هڪجهڙائي خوش آئنده آهي منهنجو گذريل سال مصر جي دوري ??وران صدر السيسي ?? پرڏيهي وزير سامع شڪري ??ان تمام فائديمند ملاقاتون ٿيون. هن چيو ته پاڪستان مصري پرڏيهي وزير سامع حسن شڪري ??ي پاڪستان جي دوري ۽ اسلام آباد ۾ چوٿين گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي جلد انعقاد جو منتظر آهي. مصري ??فير پرڏيهي وزير جو ٿورو اد?? ڪندي پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڏياري.