اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هوابازي ??ي شعبي ۾ خدمتن جي بهترين معيار کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ هوابازي ??ي شعبي بابت معاملن جو جائزو وٺڻ ??اء?? اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض تر??ن ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان هوابازي ??ي شعبي ۾ خدمتن جي بهترين معيار کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته مسافرن کي بهتر کان بهتر خدمتون پهچائڻ ??اء?? ملڪ ۾ هڪ موثر چٽاڀيٽي جو عمل جاري ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، وزيراعظم قومي فضائي ڪمپني پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي ڪارڪ??دگ?? بهتر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.