اسلام آباد – 07 جن??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ هلندڙ ??الي سال جي ٽئين ٽه ماهي جي دوران سڀ کان وڌيڪ مجموعي منافعو ڪمايو جيڪو 258 ارب روپيا آهي ۽ 10 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اها وڏي ڪاميابي ڪورونا وائرس جي عالمگير وبا جي باوجود حاصل ٿي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين 10 سالن جو اسٽاڪ مارڪيٽ جو چارٽ به ٽوئيٽ ڪيو، جنهن ۾ مجموعي منافعي کي ظاهر ڪيو ويو آهي.