اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪ??ج جو اعلان ڪندو، پنجاب ۾ ميئر جون چونڊون سڌوسنئون ٿينديون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي آهي، توانائي جي بحران کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهي?? آهيون، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي ان پئڪيج مان سڌوسنئون فائدو کڻندي، اعظم سواتي ۽ منهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن جا نوٽيسز بي بنياد ۽ ناانصافي تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي ۽ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٻن بنيادي ايجنڊائن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ مهانگائي جي حوالي سان هڪ وڏي پئڪ??ج جو اعلان ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي فائدو کڻندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته اسان توانائي جي بحران کي ??نهن ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري رهي?? آهيون. پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون سنڌوسنئون ٿينديون، وزيراعظم ۽ ڪور ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته پنجاب ۾ شهرن ۽ ضلعن جي ميئرز جي چونڊ سڌوسنئون ٿيندي، وزيراعظم پهرين ڏينهن کان ڊائريڪٽ ڊيموڪريسي جو واعدو ڪيو هو، ان ڏس ۾ تياري حتمي مرحلن ۾ آهي. هن چيو ته وزيراعظم پوري پارٽي کي ??دايت ڪئي آهي ته اها مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ متحرڪ ٿئي، پنجاب جي ضلعن ۾ نامزدگي جو سلسلو شروع ڪري رهي?? آهيون، اهڙي طرح خيبرپختونخواهه ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ مهم شروع آ??ي. ??وڌري فواد حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اعظم سواتي ۽ مُون کي ??وڪليل نوٽيسز زيادتي تي ٻڌل آهن، جنهن کي ??وري واپس ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل ڳالهائيندي چيو ته اعظم سواتي ۽ چوڌري فواد حسين کي اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيس تي پوري ڪور ڪميٽي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، جمهوري ملڪن ۾ جمهوري رويا اهڙي طرح ناهن هوندا. هن چيو ته وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪ??ج جو اعلان ڪندو.