اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن، سعودي عرب جي ترقي ۾ پرڏيهي پاڪستانين جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، ڪووڊ بابت سفري پابندين جي ڪري س??ودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي وقت واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير پرنس فيصل بن فرحان السعود وزيراعظم عمران خان سان هتي ملاقات ڪئي، وزيراعظم سندس والهاڻو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي خامين الحرمين ال??ري??ين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي مئي 2021ع جي پنهنجي س??ودي عرب جي دو??ي جو به ذڪر ڪيو جنهن جي لاءِ ڪيل فيصلن جي روشني ۾ وزيراعظم ان جي مختلف رخن تي روشني وجهندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ب??ائڻ لاءِ نيون راهون ڳوليون وڃن. وزيراعظم خصوصيت سان زور ڏنو ته معاشي رخ کي سگهه ڏيڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ هر ممڪنه قدم کنيا وڃن، وزيراعظم عمران خان سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي فعاليت جي حوالي س??ن کنيل قدمن کي س??راهيندي چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ تزويراتي رخ جي تعين لاءِ اعليٰ سطح جو اهم پليٽ فارم آهي. وزيراعظم سعودي عرب جي خوشحالي ۽ ٻنهي مل??ن جي ترقي لاءِ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار کي س??راهيو. هن چيو ته عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن سان ٻه طرفي لاڳاپن کي ٺوس بنياد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان ڪورونا بابت سفري پابندين جي حوالي س??ن پاڪستاني شهرين کي درپيش مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي انهن جي واپسي لاءِ بروقت قدم کنيا وڃن، هن سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڪووڊ ويڪسين جي فراهمي تي ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي مل??ن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪورونا جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، افغانستان جي صورتحال جي حوالي س??ن وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ سمورين ترين کي سياسي حل لاءِ تعميري ۽ بامقصد ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ته امن ۽ خطي جي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان موقعي تي س??ودي وفد والهاڻو استقبال ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. پرنس فيصل چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا رکندڙ آهي. اهي لاڳاپا اخوت ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهن. هن وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد جي اسٽريٽجڪ حڪمن جي روشني ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪٻئي س??ن ويجهي ۽ گڏيل تعاون جي ذريعي ويجها ڀائراڻا لاڳاپا رکندڙ آهن. سعودي عرب اسلامي مل??ن جي تنظيم او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت رابطا گروپ جو ميمبر آهي ۽ هو ڪشمير ڪاز جو حامي آهي.