اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب قانونساز اسيمبلي ميمبرن علي شان سوني، علي رضا بخاري?? صغير چغتا??ي، اڳوڻي اسپيڪر انوارالحق ۽ اڳوڻ?? وزير شهزاد چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪند?? وزيراعظم عمران خان جي قيادت، ويزن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسين تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو، قانونساز اسيمبلي ميمبرن چيو ته ٺوس حڪمت عملي سان وزيراعظم عمران خان ملڪ کي مالي بحرانن م??ن ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي ۽ جنهن موثر انداز ۾ هن عالمي فورمن تي نه رڳو ڪشمير پر اسلام جو ڪيس وڙهيو آهي اهو انتهائي ساراهه جوڳو آهي.