ڪراچي – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اميد ظاهر ڪئي آهي ته سي پيڪ ۽ گوادر بندرگاهه سان بلوچستان صوبي جي قسمت بدلجي ويندي، ??رقياتي منصوبن سان بلوچستان جي نوجوان نسل کي روزگار جا موقعا ملندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي گورن?? امان الله خان ياسين زئي سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ بلوچستان ۾ وفاقي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.