اسلام آباد – 31 م??رچ (اي پي پي) وزيراعظم ??م??ان خان وڏيون معيشتون رکندڙ ملڪن کان موسمياتي تبديلين جي چئلينج جو مقابلو ڪندڙ پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ جامع سوچ کي اختيار ڪرڻ ۽ مالي مدد جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان اميد ڪريون ٿا ته دنيا جي وڏين معيشتن لاءِ اهو هڪ اهڙو لمحو هوندو ته هو پاڪستان جهڙي ذميدار ملڪن لاءِ مالي مدد لاءِ اڳتي ايندا ۽ جيڪي گئس خارج ڪرڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون پوريون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پاڪستان ان معاهدي جي لاءِ وڙهندو جيڪو پنهنجي شهرين ۽ دنيا جي لاءِ آبهوا کان محفوظ مستقبل فراهم ڪندو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب برطانوي اخبار دي ٽائمز ۾ شايع پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم ??م??ان خان ان ڳالهه جو تذڪرو ڪيو ته عالمي آبهوا جي رسڪ انڊيڪس گذريل ڏهاڪن دو??ان مسلسل آبهوا جي اثرن کي پاڪستان جي لاءِ اٺين شديد ترين خط??و قرار ڏنو آهي.