اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوجن پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي ??اندار پريڊ ڪئ??، پريڊ ۾ ترڪ فوجي بينڊ، بحرين، فلسطين، عراق، سريلنڪا ۽ ترڪي جي پيراٽروپرز خصوصي طور تي ??رڪت ڪئ??، پريڊ دوران پاڪستان جي فتح نه ٿيڻ جوڳي عسڪري قوت جو زبردست مظاهرو ڪيو ويو. حاضرين جو ملي جوش ۽ جذبو هڪ قوم هڪ منزل جي ٿيم جو حقيقي عڪاس هو. هٿياربند فوج جي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو قومي جهنڊي کي 21 توپن جي سلامتي ڏني وئي. ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ عيسيٰ بن خليفه، ڪمانڊر يو ڪي اسٽريٽجڪ ڪمانڊ سر پيٽرڪ سينڊرز ۽ چيف آف دي ڊفينس اينڊ ڪمانڊر سريلنڪن آرمي به پريڊ جو مشاهدو ڪيو. شڪرپڙيان جي پريڊ گرائونڊ ۾ قومي علم کي 21 توپن جي سلامي پيش ڪئ?? وئي ۽ 105 فيلڊ ريجمينٽ قومي علم کي سلامي ڏني. تقريب ۾ بري فوج جي سربراهه چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه نشان امتياز (ملٽري)، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، وائيس چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل سعيد نعمان علي هلال امتياز (ملٽري)، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي هلال امتياز (ملٽري)، دفاع ??ار?? وزير پرويز خٽڪ، وفاقي وزيرن، مختلف ملڪن جي سفيرن، فنڪارن، رانديگرن، ص??افين ۽ شهرين جي وڏي تعداد يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ شرڪت ڪئ??. ان کانپوءِ روايتي ??گل وڄائي پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ جي خاص مهمان ڊاڪٽر عارف علوي جي آمد جو اعلان ڪيو ويو جيڪو خصوصي لال بگي ۾ سوار ٿي پريڊ گرائونڊ پهتو. پريڊ خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي سلامي پيش ڪئ?? ۽ قومي ترانا ٻڌايو ويو. قومي تراني کانپوءِ قرآني آيتن جي تلاوت سان تقريب جو باقاعد آغاز ڪيو ويو. هٿياربند فوج يوم پاڪستان پريڊ جي پريڊ ڪمانڊر خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کان پريڊ جي معائني جي درخواست ڪئ??. يوم پاڪستان پريڊ ۾ ايئر چيف مارشل جي قيادت ۾ فلاحي پاسٽ جو مظاهرو ٿيو، جنهن ۾ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي جهازن فلائي پاسٽ ڪيو، ص??ر پاران پريڊ جي معائني کانپوءِ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه فلائنگ پاسٽ جو شاندار ۽ مظاهرو ڪيو ۽ پاڪ فوج جي دستن مارچ پاسٽ ڪيو، جڏهن ته پاڪستان جي دفاعي ساز ۽ سامان جي نمائش به ڪئ?? وئي.