اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان سينيٽ جي ٻن خالي سيٽن تي هڪ سيٽ مخالف ڌر جڏهن ته ٻي حڪمران ڌر تحريڪ انصاف حاصل ڪري ورتي، پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ کڻي جنرل سيٽ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته عورتن جي مخصوص سيٽ تي تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد 174 ووٽ کڻي ڪامياب رهي، تحريڪ انصاف جي ا??يدوار عبدالحفيظ شيخ کي جنرل سيٽ تي 164 جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي عورت سيٽ تي ا??يدوار فرزانه ڪوثر کي 161 ووٽ مليا، جنرل سيٽ تي 7 جڏهن ته عورتن جي سيٽ تي 5 ووٽ رد قرار ڏنا ويا. رٽرننگ آفيسر ظفر اقبال پو??نگ ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي سيٽن جي نتيجن جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ سينيٽ جي هڪ جنرل ۽ هڪ عورتن جي سيٽ تي پو??نگ ٿي. پو??نگ جي شروعات صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. ڪل 342 جي ا??وان ۾ 340 ميمبر?? پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو جڏهن ته اين اي 75 ڊسڪه جي سيٽ خالي آهي. رٽرننگ آفيسر جا فرض اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪ??يٽ??ي ظفر اقبال ادا ڪيا. قومي اسيمبلي هال کي بطور پو??نگ اسٽيشن استعمال ڪيو ويو، جتي ٻه پو??نگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا. پو??نگ بوٿ نمبر هڪ تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 1 کان اين اي 171 جڏهن ته پو??نگ بوٿ نمبر ٻه تي ا??ن اي 172 کان ان اين اي 342 تائين ووٽ رکيا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان ٻنپهرن جو 12 وڳي جي لڳ ڀڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. هو هال ۾ ويهڻ بدرا?? پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري واپس هليو ويو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، خواجه محمد آصف، علي وزير کي نيب ۽ پو??يس جي حراست ۾ هجڻ جي ڪري ا??يڪشن ڪميشن جي خصوصي حڪمن تي ووٽ وجهڻ جي لاءِ پو??نگ اسٽيشن تي آندا ويا. شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه ڪافي دير ايوان ۾ موجود رهيا. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي بيلٽ تي ٽِڪ ڪرڻ بدران صحيح ڪري ڇڏي جڏهن ته بعد ۾ هن ٻيهر بيلٽ جي لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ ٻه جدا جدا درخواستون جمع ڪرايون جنهن ان تي هن فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پو??نگ جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف پاران ڪنول شوزب ۽ زين قريشي، مسلم ليگ (ن) پاران عطا تارڙ ۽ علي گوهر خان جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سيد نويد قمر ۽ عبدالقادر پٽيل ڳڻپ جي عمل ۾ شريڪ ٿيا. رٽرننگ آفيسر نتيجي جو اعلان ڪيو جنهن موجب جنرل سيٽ تي سيد يوسف رضا گيلاني ۽ عورتن جي سيٽ تي فوزيه ارشد ڪامياب قرار ڏنا ويا.